Luke 11:46 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن چيو، تہ اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهين ماڻهن تي اهڙا بار ٿا رکو جي کڄڻ مشڪل آهن، پر پاڻ انهن کي هڪڙي آڱر بہ نٿا لايو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.