Luke 11:49 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي ايشور پنهنجي سياڻپ سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي خدا پنهنجي حڪمت سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي نبين کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘