Luke 11:51 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربانگاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.