Luke 11:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون روٽيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.