Luke 12:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ اچي مڙيا، جيڪي ھڪٻئي تي ڳاھٽ پئي ٿيا. تڏھن عيسيٰ خاص طرح پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”فريسين جو خميرو، جيڪو رياڪاري آھي، تنھن کان ھوشيار ٿجو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ يسوع جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن يسوع انهن جي اڳيان پنهنجي چيلن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”پاکنڊپائي فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ عيسيٰ جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن عيسيٰ انهن جي اڳيان پنهنجي شاگردن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”رياڪاري فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.