Luke 12:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪو بہ ماڻهو ابن آدم جي برخلاف ڪا ڳالهہ چوندو، تنهن کي اُها معاف ڪئي ويندي، پر جيڪو بہ ماڻهو پاڪ روح جي بابت ڪفر بڪندو، تنهن کي اُهو معاف نہ ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪوبہ ابنآدم جي خلاف ڪا ڳالھہ چوندو تہ ان کي اھا بخشي ويندي. پر جيڪو ماڻھو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اھو نہ بخشيو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو بہ منشپتر جي خلاف ڪا ڳالهہ چوندو تہ ان کي معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪو ماڻهو پوِتر آتما جي نندا ڪندو، تہ ان کي اها هرگز نہ بخشي ويندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو بہ ابنِ آدم جي خلاف ڪا ڳالهہ چوندو تہ ان کي معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪو ماڻهو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اهو هرگز نہ بخشيو ويندو.