Luke 12:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سوسن جا گل تہ جاچي ڏسو تہ ڪيئن ٿا اُڀرن؛ اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين، تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري جلال هوندي بہ، اُنهن مان هڪڙي جهڙو بہ پهريل نہ هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
غور ڪريو تہ ڪيئن نہ سوسن گل جا ٻوٽا ٿا اڀرن، اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي عزت ۽ شان وَ شوڪت جي، انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.