Luke 12:46 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ اُنهي نوڪر جو مالڪ اُنهي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ پوندي، ۽ هو اُنهي کي خوب چهبڪن سان ماريندو ۽ کيس ڪڍي کڻي بي ايمانن ۾ شامل ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بيايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي سڌ ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بيوفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي خبر ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بيوفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.