Luke 12:58 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن تون پنهنجي مدعيءَ سان حاڪم وٽ پيو وڃين، تڏهن رستي تي ئي کانئس پلئُہ آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، تہ متان هو توکي منصف وٽ وٺي وڃي، ۽ منصف توکي حولدار جي حوالي ڪري، ۽ حولدار قيدخاني ۾ وجهيئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.