Luke 13:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان مهل ڪن ماڻهن يسوع کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي ٻليدان ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان مهل ڪن ماڻهن عيسيٰ کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي قرباني ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو.