Luke 13:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر عبادتگاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ڏسي عبادتخاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“