Luke 13:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.⁠⁠
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪو سنت يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر تڏهن بہ مون لاءِ ضروري آهي تہ آءٌ اڄ، سڀاڻ ۽ پرينهن پنهنجو سفر جاري رکان، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿي ئي نہ ٿو سگھي جو ڪو نبي يروشلم کان ٻاهر قتل ڪيو وڃي.