Luke 13:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ پاپي هئا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟