Luke 14:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن توکي مانيءَ جي دعوت ملي، تڏهن سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي وڃي ويهہ، تہ جنهن توکي ڪوٺيو آهي، سو جڏهن اچي، تڏهن چويئي تہ ادا، مٿي اچي ويهہ: تہ جن سان گڏ کائڻ ويهين، تن اڳيان عزت ٿئي ئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جو ڪيڏو نہ مان ٿيندو، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا.