Luke 14:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ توکي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو اُنهن وٽ ڪي ڪينهي، جنهن سان کڻي تنهنجو بدر پاڙين: پر توکي نيڪن جي قيامت ۾ اجر ملندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِجو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ضرور ملندو.“