Luke 14:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُپيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماتا، پتا، پتنيءَ، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو چيلو ٿي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.