Luke 15:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو هو اُٿي پنهنجي پتا ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پتا کي مٿس ديا آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.