Luke 15:29 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هن پنهنجي پتا کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ داس وانگر اوهان جي سيوا ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.