Luke 15:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ ناري کي چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي.