Luke 16:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“