Luke 16:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ دوتن کڻي وڃي کيس سُرڳ ۾ ابرهام جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بهشت ۾ ابراهيم جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.