Luke 17:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“