Luke 17:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اُٽلندو هيئن ڪين چوندس، تہ منهنجي رات جي ماني تيار ڪر، ۽ جيسين آئون کائي پي وٺان، تيسين ڪمر ڪشي منهنجو ڪم ڪار ڪر، ۽ پوءِ وڃي تون کاءُ پيءُ؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بلڪل نہ، اٽلندو اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’منھنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين کڙوتڙو بيٺو رھج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين خدمت ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘