Luke 18:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر يسوع هنن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ننڍن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ کين منع نہ ڪريو، ڇالاءِ تہ خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.