Luke 19:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر سندس ديس جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان راڄ ڪري.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘