Luke 19:30 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهان جي سامهون جو ڳوٺ آهي اُتي وڃو، ۽ اندر گهڙڻ شرط اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ اڃا تائين سواري ڪانہ ڪئي آهي؛ اُهو ڇوڙي وٺي اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو.