Luke 19:37 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر جي لاهيءَ جي ويجهو ويو، تڏهن شاگردن جي سڄي جماعت، جيڪي معجزا ڏٺا هئائون، تن سڀني جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي، وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳي تہ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻتہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس چيلن جو سڄو ميڙ يسوع جي چمتڪارن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان ايشور جي مهما جا نعرا هڻڻ لڳو تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس شاگردن جو سڄو ميڙ عيسيٰ جي معجزن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ جا نعرا هڻڻ لڳو تہ