Luke 19:42 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي شانتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.