Luke 2:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيتلحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن دوت انهن وٽان موٽي آڪاش ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيتلحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي پرميشور اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ملائڪ انهن وٽان موٽي آسمان ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيتلحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“