Luke 2:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت پرميشور جي ڏنل نيم موجب جڏهن مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم يسوع کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ پرميشور جي آڏو حاضر ڪيائون،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت خداوند جي ڏنل شريعت موجب جڏهن مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ خداوند جي آڏو حاضر ڪيائون،