Luke 2:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،