Luke 2:36 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنتياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي ناري هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال پتيءَ سان گڏ رهي ۽ پوءِ وڌوا ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن وِرت رکڻ ۽ پرارٿنائون ڪرڻ سان ڀڳتي پئي ڪندي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رنزال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي.