Luke 2:39 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ جي ماءُ پيءُ جڏهن موسيٰ جي معرفت خداوند کان مليل شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا.