Luke 2:43 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ڪري موٽيا ٿي، تڏهن يسوع ڇوڪر يروشلم ۾ رهجي ويو؛ ۽ سندس مائٽن کي خبر ڪانہ پيئي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُ⁠پيءُ کي خبر نہ ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تهوار جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار يسوع يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماتا پتا کي اها سڌ ئي نہ پيئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيد جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار عيسيٰ يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماءُ پيءُ کي اها خبر ئي نہ پيئي.