Luke 2:48 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُ⁠پيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سندس ماتا پتا کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماتا چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پتا ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندس ماءُ پيءُ کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماءُ چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“