Luke 20:46 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
فقيهن کان سنڀالجو جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، ۽ عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون، ۽ مجلسن ۾ خاص جڳهون ملن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اھي چاھين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. اھي عبادت⁠خاني ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
” شريعت جي عالمن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين. اهي عبادت‌خانن توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.