Luke 20:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ انگورن جو باغ لڳايو. باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڳچ وقت ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.