Luke 21:26 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِ⁠جو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي پرگھٽ ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.