Luke 21:34 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابنآدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منشپتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.