Luke 21:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهُرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان ڏنو اٿن: پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ پنهنجي سموري ڪمائي کڻي وڌي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇاڪاڻتہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رنزال اڻھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن رنزال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“