Luke 22:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهن کي چيائين تہ ڏسو، شهر ۾ گهڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو، جو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، پوءِ جنهن گهر ۾ هو گهڙي وڃي، تنهن ۾ اوهين بہ پٺيانئس وڃجو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس.