Luke 22:47 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، هڪڙي ٽولي اچي سهڙي ۽ اُنهن ٻارهن منجهان اُهو، جنهن کي يهوداهہ ڪري سڏيندا هئا، سو سندن اڳيان پئي آيو. ۽ هو ويجهو آيو تہ يسوع کي چُمي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اڃا عيسيٰ ڳالھايو ئي پئي تہ ماڻھن جو ھڪڙو ٽولو اچي پھتو، جنھن جي اڳيان ٻارھن شاگردن مان اھو ھو جنھن کي يھوداہ ڪري سڏيندا ھئا. ھن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن چيلن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي يسوع کي چمي ڏني.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن شاگردن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني.