Luke 22:52 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.