Luke 22:61 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“