Luke 22:66 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ڏينھن ٿيو تہ يھودين جا بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انھن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انهن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو.