Luke 23:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيئن هن کي وٺي پئي ويا، تہ هڪڙو ماڻهو شمعون ڪريني ٻهراڙيءَ مان پئي آيو، تنهن کي جهلي صليب کڻي مٿان رکيائونس، تہ يسوع جي پٺيان کڻي هلي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن سپاهي يسوع کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي سولي کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اها کڻي يسوع جي پٺيان هلي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن سپاهي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اهو کڻي عيسيٰ جي پٺيان هلي.