Luke 23:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ڏسو تہ اهي ڏينهن اچڻا آهن، جڏهن اُهي چوندا تہ مبارڪ اُهي جي سنڍ آهن، ۽ مبارڪ اُهي پيٽ جن نہ ڄڻيو، ۽ اُهي ٿڻ جن نہ ڌارايو!
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو اھي ڏينھن اچن پيا جڏھن ماڻھو چوندا تہ ’سڀاڳيون آھن اھي عورتون جيڪي سنڍ آھن، جن ڪڏھن بہ ٻار نہ ڄڻيا آھن ۽ نہ ڪڏھن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ ناريون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ عورتون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘