Luke 23:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هو انهيءَ جاءِ وٽ آيا، جنهن کي کوپڙي ڪري ٿا چون، تڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ پڻ اُنهن ڏوهارين کي بہ. هڪڙي کي ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي ڏائي پاسي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اھي انھيءَ جاءِ تي پھتا جنھن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏھن انھن عيسيٰ ۽ ٻنھي ڏوھارين کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين يسوع ۽ ٻنهي ڏوهارين کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين عيسيٰ ۽ ٻنهي ڏوهارين کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.