Luke 23:35 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ماڻھن بيٺي ڏٺو. تڏھن يھودين جي اڳواڻن مٿس چٿرون ڪندي چيو تہ ”ھون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏھن ھي خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آھي تہ ھاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي ايشور جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“