Luke 23:49 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سندس سڀ ڄاڻ پڇاڻ وارا، ۽ اُهي زالون جي گليل مان ساڻس گڏجي آيون هيون، تن پريان بيٺي هي حال ڏٺو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل ناريون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ يسوع کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.